شمس الدين شيخ ڊاڪٽر

شمس الدين شيخ، ڊاڪٽر: خلافت تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن ۽ سماجي ڪارڪن ڊاڪٽر شيخ شمس الدين، حيدرآباد جي مشهور عامل هندو گهراڻي مان هو. هن، ڊاڪٽر شيخ نور محمد، ڊاڪٽر شيخ محمد يعقوب ۽ شيخ عبدالعزيز قنڌاريءَ سان گڏ ان دور جي مشهور نو مسلم بزرگ شيخ عبدالرحيم جي صحبت ۽ تبليغ تي اسلام قبول ڪيو. پاڻ خلافت تحريڪ ۾ سرگرم رهيو، جنهن سبب خلافت تحريڪ جي مشهور اڳواڻ ‘شيخ الهند’ محمود الحسن سان گڏ کيس جلاوطن ڪيو ويو. جلاوطن رهڻ دوران هن پنهنجي خاندان سميت ترڪيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي ديني علم حاصل ڪيائين. ڳچ عرصو ترڪيءَ ۾ رهڻ بعد حج جي سعادت حاصل ڪيائين، جنهن بعد واپس وطن موٽي آيو. وطن واپسي بعد ديني پرچار ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. پاڻ پرهيزگار ۽ عبادتگذار هوندو هو. غريبن، يتيمن ۽ بيواهن جي خدمت ۽ امدادي ڪمن ۾ گهڻو مصروف رهيو. هن 14 جنوري 1961ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو